حصي جي گئس گهرڻ تي وفاق دشمني تي لهي آيو: امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ:ذوالفقار مگسي) صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شڪارپور ۾ جيڪي ٻاهران ماڻهو اچي ناشتو ۽ ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا انهن کي شڪارپورين سان ڪهڙي همدردي ٿي سگهي ٿي، عوام جا مسئلا مقامي اڳواڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، اهڙين خيالن جو اظهار هن پريس ڪلب جي سال 2022 جي نون چونڊيل عهديدارن صدر سوڍو جيمس، نائب صدر رحمت الله سومرو، جنرل سيڪريٽري رحيم بخش جمالي سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب پهتو، سندس سان گڏ ظهير خان ڊريهو، تاج ٻرڙو، ڪامران خان مهر، سردار اسد الله حاجاڻو، وسيم صديقي، فهيم سومرو، امان الله سومرو، ڀورا خان لهر ۽ ٻيا گڏ هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير 10 لک روپيا پريس ڪلب کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، صوبائي وزير پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيوته 65 فيصد گيس سنڌ پيدا ڪري ٿو پر صرف 29 فيصد سنڌ کي گيس ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت ان مامري تي پنهنجي ڪم شروع ڪيو ته وفاقي حڪومت دشمني تي لهي آئي ۽ آفيسرن جون بدليون ڪري ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته عمران خان 10 لک هيلٿ ڪارڊ جو وعدو ڪيڏانهن ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ دل جي مريضن، ڪڊني، ڪينسر ۽ شگر جي مريضن جو سنڌ حڪومت طرفان مفت ڪيو پيو وڃي، عمران خان جي وس جي ڳالھ ناهي حڪومت هلائڻ، هو پنجن سالن کان اڳ ئي هلي ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.