ڪوٽڙي ۾قتل ٿيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ميهڙ ۾ ريلي

ميھڙ (س ر)ڪوٽڙي ۾ بيگناهه قتل ڪيل نوجوان عمران ٻگھيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء ٻگھيا برادري ميھڙ پاران عبدالصمد ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن چيو ته ظالمن بيگناه نوجوان عمران ٻگھيو کي قتل ڪيو آھي جنھن جي اسين سخت مزمت ڪيون ٿا ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوجوان عمران ٻگھيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

  • ڪاڇي جي چونڊيل نمائندن واعدا نه پاڙيا، واهي پانڌي لاوارث بڻيل

واهي پانڌي (رپورٽ: حسين بخش رستماڻي ) واهي پانڌي ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي جو مرڪزي شهر واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا مڪمل طور ناڪام رهيا آهن واهي پانڌي شهر 4 وارڊ مشتمل شهر آهي جنهن ۾ 20 هزار کان مٿي آبادي آهي جنهن عزيز ڪالوني، نيو ڪالوني لاشاري محلہ، ٿهيم پاڙو، مستوئي محلو لغاري محلو ٻين هنڌن تي سي سي بلاڪ سيوريج جو نظام نه هجڻ ڪري شهري سخت عذاب ۾ ورتل آهن ۽ شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن جنهن ڪري شهر ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري شهري چمڙي، دم، مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن جڏهن ته صحت جي ڪا سهولت ميسر ناهي صحت کاتي جي نااهلي سبب واهي پانڌي جي تيار آر ايڇ سي اسپتال گذريل ٻن سالن ۾ هينڊ اور نه ٿي سگهي نه عملو مقرر ٿيو آهي جنهن ڪري هتان جا ماڻهو صحت جي سهولت کان محروم آهن ايمرجنسي ۾ هتان جي ماڻهن کي جوهي دادو وڃڻو پئي ٿو جڏهن ته شهر ۾ لڳيل اسٽريٽ لائيٽون به سالن کان ناڪارا بڻيل آهي شهر کي مختلف علائقن سان ملائيندڙ روڊ رستا پڻ ٽٽل آهن جيڪا سالن کان وٺي نه ٺهي سگهيا آهن جنهن ۾ واهي پانڌي جوهي روڊ ،واهي پانڌي  گورک روڊ ،واهي پانڌي ٽنڊو رحيم خان، واهي پانڌي ڊرگھ بالا روڊ سميت ٻيا روڊ نه ٺهي سگهيا آهن جنهن ڪري علائقي واسين کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن علائقي واسين ڀائي خان لاشاري، شيخ جمال ،مير ظفر رستماڻي، غلام رسول برهماڻي، وقار مستوئي ٻن جو چوڻ آهي ته اسان جي شهر کي سالن کان مڪمل طور نظر ڪيو آهي ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن علائقي واسين مطالبو ڪيو ته فوري طور شهر کي ٽائون جو درجو ڏئي شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

  • هڱورجا ۾ ناليواري اديب ڄام محبت  جي سالگرهه تقريب

ھنڱورجا(ن ع آ) ھنڱورجا ۾ ناليواري اديب ۽ صحافي ڄام محبت علي سھتو جي سالگرھ,سياسي سماجي اڳواڻن ۽ اديبن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت.سنڌي ادبي سنگت سنگت شاخ ھنڱورجا پاران ڪرايل تقريب ۾ حاجي عبدالله شاد جلناڻي,پروفيسر محمد امين مغل, ممتاز خادم ميمڻ,لالڻ چنو,طارق عزيز ڳاھو,نديم عباس آرائين,غلام علي عامر, عنايت پنھيار, شاهنواز ڏاهري,ضمير ڏيسي,راجا بليدي،ذيشان مڱريو،محمد ايوب لاڙڪ،رضا ڀٽو،ذيشان گلال،صفير بوزدار،عاقل سمنگ،محمد سليمان عامر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.