لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن مان لا وارث 3 لاش هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ايڌهي سينٽر جي رضاڪارن 24 ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف علائقن مان 3 لاوارث لاش هٿ ڪري کين لاوارث  ڄاڻائي دفنائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايڌهي سينٽر انتظاميه طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايڌهي سينٽر جي رضاڪارن 24 ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف علائقن مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان 45 سالن، دڙي ٿاڻي جي حد مان 50 سالن ۽ سول لائين ٿاڻي جي حد مان 40 سالن جي لاوارث مردن جا لاش لاش هٿ ڪرڻ بعد سندن جي وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جن جي وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ تي ايڌهي رضاڪارن ٽنهي لاشن کي لاوارث ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هٿ آيل ٽئي لاش هيروئني يا نشي واپرائيندڙ مردن جا هئا جيڪي شهر جي مختلف علائقن مان مليا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.