نواز شريف کي عدالتن سان منهن ڏيڻو پوندو: صدر الدين شاهه

خيرپور (س ر )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير پير سيد صدرالدين شاهه جون مختلف ماڻهن سان تعزیتن بعد ميڊيا  سان ڳاليون، صدرالدين شاهه چيو ته نواز شريف کي عدالتن سان منهن ڏيڻو پوندو ۽ هن جي عمر هاڻي 70 سال کان مٿي آهي جڏهن پاڪستاني قوم هڪ ٿي ويندي تڏهن کين ترقي کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار پير سيد صدرالدين شاهه راشدي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پرويز علي سولنگي سان جي والد مرحوم جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي ڪيو ، صدرالدين شاه چيو ته  وقت سان گڏ ووٽر به وڌي آهن ۽ هن دفعي 18 سال جي عمر جي ماڻهن کي به ووٽ جو حق آهي، بلدياتي اليڪشن ۾ پڙهيل لکيل طبقو بهتر فيصلو ڪندو ، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو مستقبل ووٽرن جي هٿ ۾ آهي،بلدياتي اليڪشن ۾ برادرين جو ڪردار اهم آهي،پندرنهن سالن بعد سنڌ ۾ خال ڀرڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، ماڻهن جي خدمت ذريعي ووٽ ملندا آهن صدرالدين شاهه راشدي چيو ته ووٽرن ۽ اڳواڻن کي ظاهر ڪري جيلن ۾ نه ٿو وجهرائڻ چاهيان،سنڌ حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي ڪري عوام پريشان آهي،نوجوان پڇندا آهن ۽ جيڪو ٿيندو آهي اڪثر نيشنل انٽريسٽ ۾ هوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.