ڪنري لڳ زمنين تان 2 ٽرانسفارمر چوري، احتجاج

ڪنري (ت ر) ڪنري ويجھو ڪمال چاچڙ لڳ زرعي فارم تي لڳل بجلي جا 2 ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا، زميندار جي فرياد تي نامعلوم  ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڳوٺاڻي بچل لاشاري جي فرياد تي بودرفارم ٿاڻي تي پنج نامعلوم جوابدارن خلاف ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي آبادگار بچل لاشاري ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته منھنجي زرعي زمين تي لفٽ ذريعي پاڻي کڻڻ لا واپڊا جا ٻه ٽرانسفارمر لڳل ھوا جيڪي گذريل رات نامعلوم چور چوري ڪري ويا آھن معامري جي تحقيقات ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس ڪيس داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.