دادو ڀرسان ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 6 ڄڻا زخمي

دادو ( ڊ ر )دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،موٽر سائيڪل سوار زال مڙس ۽ ٽي ٻارڙا شديد  زخمي، سول اسپتال دادو مان نوابشاهه اسپتال ريفر.زخمين ۾ حاجي خان پنهور، سندس زال مسمات امينا، 8 سالا ڌي رابعيه، 5 سالا ڌي ياسمين ۽ 3 سالا علي عرف دلبر پنهور شامل زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب دادو اسپتال مان نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، زخمين جو تعلق دادو ڀرسان پيار اسٽيشن جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن جيڪي دادو ۾ مائٽن کان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا،  خدوم بلاول پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.