فرانس ۾ ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان

فرانسيسي حڪومت ڪورونا وائرس سبب لڳايل پابندين ۾ سومر کان نرمي جو اعلان ڪيو آهي.

فرانس جي صحت واري وزارت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ملڪ ۾ لڳايل پابندين ۾ سومر 3 جنوري کان نرمي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مڪمل طور تي ويڪسينيٽڊ ماڻهو جيڪڏهن ڪورونا جو شڪار ٿين ٿا ته کين هاڻ ستن ڏينهن لاءِ قرنطينا ۾ رهڻو پوندو. پر نيگيٽو ٽيسٽ اچڻ جي صورت ۾ هو 5 ڏينهن کان پوءِ به قرنطينا ختم ڪري سگھن ٿا.

واضح رهي ته ڪجهه هفتن دوران ڪورونا جي تبديل ٿيل شڪل اومي ڪرون سبب سڄي دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ واڌ ٿي هئي. ان سلسلي کي روڪڻ لاءِ نئين سال جي موقعي تي گھڻن يورپي ملڪن ۾ به پابندين ۾ واڌ ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.