پاڪستان ۽ ڀارت جا وزيراعظم جلد ملاقات ڪندا: رميش ڪمار

اسلام آباد (اي پي پي+م ڊ) ڀارت کان واگها رستي لاهور پهتل هندو ياترين جي وفد کي پي آءِ اي جي خصوصي اڏام ذريعي پشاور پهچايو ويو آهي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله خان طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق ڀارتي سول ايويئيشن پاڪستاني ايئر لائين کي پنهنجي ايئر لائين جي دٻاءَ سبب اڏام جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن تي پي آءِ اي متبادل انتظام ڪري هندو ياترين کي واگها ذريعي پاڪستان منتقل ڪيو، واگها پهچڻ تي پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ طرفان ڊسٽرڪٽ مئنيجر لاهور عبدالمقدم خان  وفد جو استقبال ڪيو. واگها ۾ پاڪستاني هندو ڪائونسل جي سرپرست ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار ياترين جي اڳواڻي ڪئي ۽ خصوصي اڏام ذريعي 161 ياتري لاهور کان پشاور روانا ڪيا ويا. ترجمان چيو ته ياترين پي آءِ اي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ طرفان خصوصي مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو، رميش ڪمار چيو ته پاڪ ڀارت وزيراعظم جلد ملاقات ڪندا، سرينگر تائين ڊائريڪٽ فلائيٽ ۾ ويندس، اهو وقت ايندو جڏهن بارڊر کلي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.