سعودي عرب ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون،پاڪستان ۾ بحث

اسلام آباد(م ڊ) ڊي ڊبليو مطابق سعودي عرب ۾ ٿيندڙ سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديلين کي پاڪستان ۾ گهڻي دلچسپي سان ڏٺو پيو وڃي، ڪيترن ئي حلقن ۾ انهن تبديلين تي بحث به جاري آهي، پاڪستان ۾ جن مذهبي تنظيمن سان سعودي عرب جا لاڳاپا انتهائي خوشگوار ۽ ويجها آهن اهي انهن تبديلين تي بلڪل خاموش آهن، ملڪ جي ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته انهن تبديلين جو پاڪستان تي مثبت اثر پوندو، ڇو ته سعودي عرب جي سياست هميشه پاڪستان کي متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ان سان ڪو به فرق نه پوندو، ڪجهه وقت جڏهن پنجاب يونيورسٽي ۾ اسلامي جمعيت طلبه جي شاگردن مبينه طور تي هڪ نوجوان کي رڳو ان ڪري مار ڪڍي ته هو ڪنهن ڇوڪريءَ سان گڏ ويهي پڙهي رهيو ته ان وقت سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن جمعيت کان مطالبو ڪيو ته اها سعودي عرب وڃي مخلوط محفلن کي روڪي، پاڪستاني سوشل ميڊيا تي هڪ سعودي عرب جي عورت جي تصوير گهڻي وائرل ٿي جنهن ۾ هن سعودي عرب جي قومي جهنڊي کي پنهنجي جسم سان ويڙهي رکيو هو، وومين ايڪشن فورم جي مهناز رحمان چيو ته سعودي ڀينرن کي جيڪا آزادي ملي رهي آهي اهو اسان جو هميشه کان مطالبو رهيو آهي، هن ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته اتي عورتن کي ڪار هلائڻ جي اجازت ملي وئي آهي،اهي ڪاروبار ڪري رهيون آهن، نوڪريون به ڪري رهيون آهن، انهن تبديلين کي اسان انتهائي مثبت سمجهون ٿا، پشاور يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر سرفراز خان ٻڌايو ته پاڪستان جا ٽي لک کان وڌيڪ مزدور سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ آهن، 60 ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اهي سعودي عرب ويا ته اتان کان ميوزڪ ۽ ٽي وي کڻي آيا، پر 80ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اهي سعودي عرب ويا ته اهي مذهبي شدت پسندي کڻي آيا، ان رڳو پختونخوا جي معاشري کي نه بلڪه پوري پاڪستان جي معاشري کي گهڻو متاثر ڪيو، هاڻي جڏهن اهو وهابي اسلام نه هوندو ۽ سعودي عرب ۾ جڳهه جڳهه ميوزڪ ۽ مخلوط پروگرام ٿيندا يقينن ان سان پاڪستان جي مزدورن تي گهڻو اثر پوندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ جن مذهبي تنظيمن کي سعودي پئسو ملندو هو جڏهن اهي پئسا نه ملندا ته ان جو اثر رسوخ به گهٽ ٿيندو، سنڌ جي ناليواري دانشور امداد قاضي چيو ته سعودي عرب ۾ ٿيندڙ تبديلين جا اثر پاڪستاني معاشري سميت پوري عالم اسلام تي پوندا، جنهن تيزي سان 80ع جي ڏهاڪي ۾ مدرسا کلي رهيا هئا هاڻي سعودي فنڊنگ بند ٿي ويندي ته اهي مدرسا کلڻ جي رفتار به گهٽ ٿي ويندي، بلڪل انهيءَ طرح پاڪستان ۾ سعودي نواز مولوي صاحبان به هاڻي معتدل مزاج بڻجي ويندا، هن چيو ته بنگلاديش ۾ رياست سرڪاري طور تي مذهبي انتهاپسندن جي حمايت نه پئي ڪري، پاڪستان ۾ صورتحال مختلف آهي جتي رياست انهن مذهبي انتهاپسندن کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.