پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ جي مهم هلائيندڙ به ڪارڪردگي مان مايوس`

ڪراچي(م ڊ) عوام جي اميدن تي ڪير پورو لهندو؟ ان حوالي سان هڪ سروي ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۽ اپوزيشن مان ڪير به عوام جي اميدن تي پورو نه لٿو آهي، ان حوالي سان اپسوس پاڪستان پاران سروي ڪرائي وئي، جنهن موجب اپوزيشن جي ڪارڪردگي تي 56 سيڪڙو پاڪستانين بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 55 سيڪڙو شهرين پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ڪارڪردگي کي خراب قرار ڏنو. سروي ۾ 13 سيڪڙو اميدن کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي جا حامي  رهيا جڏهن ته 32 سيڪڙو ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت مان جيڪا اميد هئي اهڙي ئي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ڪارڪردگي مان مايوس 46 سيڪڙو ماڻهو اهي آهن، جن اليڪشن دوران چيو هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ووٽ ڏنا وڃن. سروي موجب 63 سيڪڙو پاڪستانين صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.