مٺياڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

مٺياڻي(رپورٽ: امير  علي ملڪ)يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف مٺياڻي جي آبادگارن پاران  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  اڳواڻن خطاب ڪندي  چيو ته يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي جڏهن ته ننڍا آبادگار تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ وقت تي ڀاڻ نه ملڻ ڪري پوکيل ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بليڪ تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ٻئي صورت ۾ هي احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.