حيدرآباد ۾ دڪان مان لکين رپيا روڪ رقم ۽ سامان چوري

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هٿياربند گيهه ۽ تيل وڪرو ڪندڙ هڪ ٽريڊرز جي دڪان جا تالا ٽوري لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي  سامان چوري ڪري ڪيا ويا. ڦليلي ٿاڻي جي حد جي پڃرا پور واري علائقي ۾ جوابدار گيهه ۽ تيل وڪرو ڪندڙ هڪ ٽريڊرز جي دڪان جا تالا ٽوڙي ۽ شٽر ڪٽي دڪان ۾ پيل 10 لک 75 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، دڪان مالڪ فيصل آرائين موجب چور دڪان مان اڍائي لک رپين جي ماليت جو گيهه ۽ تيل به کڻي ويا آهن، چور دڪان مان سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڊوائيز به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڦليلي پوليس مطابق واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.