لاڙڪاڻي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو مبينا دهشتگرد گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ريلوي ٽريڪ ڀرسان ڪاروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي  گرفتار ڪري سندس وٽان ڌماڪيدار مواد ۽ رموٽ ڪنٽرول هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع مليو ته جناح باغ اندر پوئتي پاسي لڳ سڪ پل ريلوي ٽريڪ وٽ هڪ همراهه شڪي حرڪتون ڪري رهيو آهي ان تي پوليس ڪاروائي ڪري ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي لالورائنڪ ڀرسان ڳوٺ بارا جي رهواسي محمد علي ولد فدا حسين بليدي کي گرفتار ڪري سندس وٽان ڌماڪيدار مواد ۽ هڪ ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس هٿ ڪري سندس مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت گناهه نمبر 2021/105 قلم 55،3/4  ايڪسپلوزو ايڪٽ 6/7 اي ٽي اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ پوري سنڌ مان حاصل ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن هن جا ٻيا به ساٿي آهن ته انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.