حڪومت نئين سال جو تحفو مهانگائي جي صورت ۾ ڏنو آهي

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي نئين سال جو تحفو هڪ  ٻي مني بجيٽ پيش ڪري مهانگائي جي صورت ۾ ڏنو آھي، هر مهيني هڪ مني بجيٽ پيش ڪرڻ واري حڪومت هي بل ڪاسائي ٿي پيش ڪيو آھي. هي مالياتي بل پيش ڪرڻ وقت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن احتجاج جو ڊرامو ڪري عوام کي اهو باور ڪرائڻ جي نام نهاد ڪوشش ڪئي ته اهي هن جرم ۾ شريڪ نه آھن، اهو وقت پري ڪونهي، جڏهن هن حڪومت کي آڻڻ وارن جي هڪ ٽيلي فون تي سڀ اسيمبلي ۾ حاضر ٿي معمولي ترميم سان گڏ انهي کي پاس ڪرائيندا. جڏهن حڪمران طبقي جون سڀ پارٽيون حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي سامراج کي منٿون ڪري رهيون هجن ته ان مان عوام لاءِ چگائي جي اميد رکڻ فضول ۽ پنهنجي پاڻ سان دوکو ڪرڻ جي برابر آھي، دوائن جي خام مال، خشڪ کير، گوشت ۽ پيٽروليم جي مصنوعات تي ٽيڪس لڳائي آئي ايم ايف جي ٽڪرن تي پلجڻ واري ان جي ذھني غلام وزير طرفان 343 ارب روپين جو ٽيڪس لڳائي بي شرمي سان چئي رهيو آھي ته عوام جي مٿان مهانگائي جو ايترو بار نہ ايندو، انهن کي اقتدار ۾ آڻڻ وارين قوتن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ته جيترا به عوام دشمن، ظالماڻه فيصلا ڪرائڻا آھن، هن مافيائن جي سرڪار هٿان ڪرائي، ان کان پوءِ ان جي ڇٽي ڪرائي عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏجي. اهي مافيائن جا ٽولا مڪمل ڦرلٽ ڪري محنت ڪش ۽ عام عوام کان سڪل ماني جو گرھ به ڦري رهيا آھن. ڪميونسٽ پارٽي انهي مني بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪري ٿي ۽ ان کي عوام دشمن قرار ڏئي ٿي.  ڪميوسٽ پارٽي عوام کي اپيل ٿي ڪري ته هو انهي مني بجيٽ خلاف روڊن تي نڪري ڀرپور احتجاج ڪن ڇو ته انهي سان مهانگائي ۾ تمام گهڻو واڌارو ايندو. صرف بياني احتجاجن سان حڪمران پنهنجو عوام دشمن رويو نه بدلائيندا، جستائين عوام روڊن تي نه ايندو تيستائين انهن تي اهي ظلم ٿيندا رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.