ڪنيڪٽنگ ڪميونٽيز جي سخي حسن جي شاگردن جي هڪ انوکي مهم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنيڪٽنگ ڪميونٽيز جي سخي حسن جي شاگردن هڪ انوکي مهم جو حصو بڻجي نه رڳو قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪئي پر انهن بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي. ڪيمپيئن ليڊ موجب اسان جو موجوده نسل افسانوي دنيا جي ڪردارن کي آئڊيالائز ڪندو آهي ۽ فيري ٽيل يا سپر هيروز کي جنون جي حد تائين پسند ڪيو آهي، جنهن جو اندازو ٻارن جي روز مرهه جي استعمال جي شين مان به لڳائي سگهجي ٿو ۽ اهو انهن کي حقيقي دنيا کان پري وٺي وڃڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي، سپر پاورز جي انتظار ۾ اهي ٽيڪنيڪي ۽ تنقيدي سوچ کان پري ٿيندا پيا وڃن، تنهن ڪري اسان پيس مرچنڊائز ڪيميپن ڪرائي، اها ٻن حصن تي ٻڌل هئي. پهرين سرگرمي 18 ڊسمبر تي نيشن سيڪنڊري ۽ نارٿ آمريڪن گرامر اسڪول اندر ٿي، جنهن ۾ اڳ ۾ شاگردن کي نيشنل هيروز بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته انهن پاڪستان لاءِ ڪهڙا ڪارناما انجام ڏنا، پوءِ انهن کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن کين موقعو مليو ته ڪهڙا هيروز بڻجڻ پسند ڪندا، جنهن تي هنن چيو ته عبدالستار ايڌي، مشعال، ملالا، اديب رضوي بڻجڻ پسند ڪندا ۽ انهن هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن امن ۽ نيشنل هيروز جون پينٽگز ٺاهيون. ٻي سرگرمي ”پيس اسپورٽس گالا“ 27 ڊسمبر  تي نيو ناظم آباد فٽبال اسٽيڊيم ۾ ٿي، جنهن ۾ 100 شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف راندين (فٽبال، نشاني بازي، ميوزيڪل چيئر، رسا ڪشي، ٿري ليگ ريس، 100 ميٽر ڊوڙ) ۾ حصو ورتو. حصو وٺندڙن کي خاص قسم جي انعامن سان نوازيو ويو، جنهن جو نالو پيس مرچنڊائز آهي، انهن بيگز ۽ پائوچز تي نيشنل هيروز جون تصويرون ۽ خوبصورت جملا پرنٽ ٿيل هئا، جنهن جو مقصد نه رڳو هيروز کي خراج پيش ڪرڻ پر شاگردن ۾ امن ۽ محبت جي جذبي کي اجاڳر ڪرڻ هو. ان خوبصورت موقعي تي پرنسپال چيو ته آئون مهر در ۽ ڪنيڪٽنگ ڪميونٽيز جو ٿوارئتو آهيان ته اهي اسان جي نوجوان نسل کي ان خوبصورت مقصد ۾ سپورٽ ڪري رهيا آهن، مان دعاڳو آهيان ته اهڙا وڌيڪ پراجيڪٽ ٿيم ۽ اسان هڪ امن پسند معاشري جي تعمير ممڪن بڻائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.