مسجد ڊاهڻ جهڙا فيصلا ڪري ڪنهن کي خوش ڪيو پيو وڃي؟ فضل الرحمان

 

پشاور (ويب ڊيسڪ)  پي  ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مسجد ڊاهڻ جا فيصلا ڪري ڪنهن کي خوش ڪيو پيو  وڃي؟ اهڙي فيصلي کي واپس وٺي قوم ۾ پيدا ٿيل ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.

پشاور ۾ جمعيت علماءِ اسلام خيبر پختونخواهه جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ هڪ منصوبي تحت تحريڪ انصاف کي مڙهيو ويو ۽ عوام جو ووٽ چوري ڪري عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي.

هن چيو ته ادارن ٿورو هٿ پوئتي ڪيو ته عوام جو ردعمل سامهون آيو ۽ عوام حڪومت جي ڌانڌلي باوجود اسان کي ڪاميابي ڪيو، مڪاني چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي عالمي ايجنڊا تي عمل ڪندڙ حڪومت جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، ايندڙ وقت ۾ مداخلت نه ٿي ته چئني صوبن ۾ عوامي طاقت سان ڪامياب ٿينداسين.

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته حڪومتي پاليسين ملڪ جي معاشي ترقي جو رستو روڪي ڇڏيو آهي، اسيمبلين مان آئين جي ابتڙ بل پاس ڪيا پيا وڃن، ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، ملڪ کي پرڏيهي ايجنڊا تحت هلايو پيو وڃي، اسٽيٽ بئنڪ تي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي پڪڙ مضبوط ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان بحران جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن جو ادارا به اعتراف ڪري چڪا آهن، پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ بدران ويتر خراب ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.