ميرپور خاص: نئين سال جي آمد جي خوشي ۾ تقريب، فنڪارن سُر وکيريا

ميرپورخاص ۾ نئين سال جي خوشي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ فنڪارن گيت ڳائي تقريب ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

ميرپورخاص ۾ معزز شخصيت محراب خان لغاري، جي ايم لغاري ۽ ٻين جي ميزباني هيٺ نئين سال جي 2022ع جي خوشي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ لاڙڪاڻي کان خاص مهمانن منظور حسين مڱڻ، احمد رضا سنديلو، جي ايم مڱڻ، اسد الله جتوئي، علي حسن شيخ،  نالي مٺو شيخ سميت علائقي واسين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري ويٺلن کي داد ڏيڻ جي مجبور ڪري ڇڏيو جڏهن ته  محراب خان لغاري، احمد رضا سنديلو ۽ ٻين سڀني کي نئين سال جون واڌيون پيش ڪندي چيو اميد ته نئون سال امن ۽ خوشحالي کڻي ايندو.

تقريب ۾ لاڙڪاڻي کان آيل خاص مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.