نواب شاھ : جسقم پاران ڀاڻ جي کوٽ خلاف بک هڙتال 5 ڏينهن به جاري

نوابشاهه ۾ جسقم پاران سنڌ اندر ڀاڻ جي کوٽ خلاف بک هڙتال 5 ڏينهن به جاري رکي وئي.

جسقم جي عورتن جي ريلي فهميده ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تي 5 ڏينهن کان جاري بک هڙتال ڪيمپ پهتي جتي بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن تي کلن جي ورکا ڪئي وئي.

ان موقع بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي  بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪري  سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ڊي سي نواب شاھ ۽ چئني تعلقن جي انتظاميا ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڪي به قدم ناهي کڻي رهي معاملي جو نوٽيس وٺي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.