حيدرآباد مان هڪ دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد خان محمد اسڪول چوڪ وٽان ڳجهي اطلاع تي دهشتگرد محمد نعمان يوسفزئي کي پسٽل ۽ مئگزين سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگرد جو تعلق باوجوڙ ايجنسي سان آهي جيڪو ڪجهه وقت اڳ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪري چڪو هو ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن وڏي دهشتگردي واري ڪارروائي جي سازش ۾ مصروف هو. گرفتار ڪيل نعمان يوسفزئي جي يو آئي(ف) جي اڳواڻ قاري محمد الياس تي بم حملي ۾ ملوث هو، جنهن جو ڪيس ڪي پي ڪي جي مالاڪنڊ ڊويزن ۾ سندس مٿان داخل ٿيل آهي. پوليس موجب گرفتار دهشتگرد نعمان يوسفزئي خلاف آرمس ايڪٽ تحت ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.