حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي نئين سال جي موقعي تي ملڪ جي نوجوانن کي پيغام ڏنو آھي ته پڙھو، تعليم حاصل ڪيو، ٻاھر نڪرو، عوام دوست سياست ڪيو ۽ مستقل مزاجي ۽ سچائي سان امن، انصاف، علم، ترقي، روداري ۽ مساوات لاء جدوجھد ڪيو۔سڄي سنڌ کي، سڄي ملڪ ۽ ساري دنيا کي پڙھو، ٻاھر نڪرو، عوام دوست سياست ڪريو ۽ امن، انصاف، علم، ترقي، رواداري ۽ برابري لاءِ مستقل مزاجي ۽ سچائي سان اڻٿڪ جدوجھد ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو آھي ته حڪومت آئي ايم ايف جي چوڻ تي عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي۔ کاڌي پيتي سميت ھر شئي مھانگي بي حسي آھي۔حڪمرانن وٽ ڪا به عوام دوست معاشي پاليسي ناھي۔ ڏھاڙي مزدور، ھاري ۽ ننڍن ڪاروبارن وارا ماڻھو اڳ ۾ مسئلن ۽ مصيبتن ۾ جڪڙيل آھن، وڌيڪ مھانگائي ڪري انھن ماڻھن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، حڪمران نئين سال جي خوشي عام شين تي سبسڊي ڏين ھا پر ان بدران مھانگائي، مسئلن ۽ مصيبتن جو بم ڪيرايو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته عمران خان جي حڪومت ثابت ڪيو آھي ته انھن وٽ بہ اڳوڻين  حڪومتن جيئن ڪا به عوام دوست معاشي پاليسي ناھي به به زداري ۽ نوازشريف جيان آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلي رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.