جي يوآءِ ٿر جو اجلاس، بلدياتي چونڊن ۾ هر يوسي تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو

ڏيپلو  (ن ع آ) جمعيت علماء اسلام ٿرپارڪر جو اجلاس مولانا محمد عباس ڪلر جي ميزباني ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ھي فيصلا ڪيا ويا بلدياتي اليڪشن ۾ هر يوسي تي جمعيت علماء اسلام پنهنجا  اميدوار بيهاري قوم کي مسلط ٿيل حڪمرانن مان آزاد ڪرائينداسين وسيلن هوندي مسئلن جي منهن مان گذرندڙ ٿرين جي قسمت ۾ رڳو مهانگائي بيروزگاري پلئه پئي آهي هن چيو ته واپڊا وارا پنهنجي من مستي لڳائي ويٺا آھن  ڏيپلو  ۾  محلن ۾ به بجلي ڪيترن ئي  ڪلاڪن کان غائب آھي ٻھراڙي وارن سان ظلم آھي هفتن جا هفتا بجلي نٿا ڏين  اهڙن خيالن جو اظهار جمعيت علماء اسلام ٿرپارڪر جي امير مولانا عزيزالله ساند  ڏيپلو ۾ ضلعي عمومي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ،ان موقعي تي قاري احمد درس ,مفتي خيرمحمد بجير ,مولانا محمد اسلم ساند ۽ ٻين خطاب ڪيو انهن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪرپٽ ۽ لٽيرن  مان جان آزاد ڪرڻ لاءِ اسان کي ايندڙ اليڪشن ۾ انهن سان سخت مقابلو ڪرڻو آهي ۽ انشاء الله جلد ئي قائد جمعيت حضرت مولانا فضل الرحمان صاحب ٿرپارڪر جو دورو ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.