ميرپور ماٿيلي مان نينگر گم، اغوا جو شڪ، احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو جي المدينه ٽائون مان نينگر گم،وارثن پاران اغوا جو شڪ، وارثن جو احتجاج، ايس ايس پي گهوٽڪي کان نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو جي المدينه ٽائون جو رهواسي شمن مشوري گذريل ٽن ڏينهن کان گم آهي، سندس وارثن پاران ڏاڍي ڳولا ڪرڻ باوجود به نينگر جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن بعد نينگر جي وپارثن پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي نينگر جي والد منصور مشوري ۽ سندس امڙ نوربانو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ٻچڙو ٽن ڏينهن کان غائب آهي جيڪو هوٽل تي مزدوري ڪري گهر جو گذرسفر ڪندو هو سندس ٽن ڏينهن کان گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي پوليس به تعاون نه ٿي ڪري.  هنن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري ٻچڙو واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.