ھر  ايندڙ نئون سال ۽ شھيد صحافي شان ڏهر جو درد !

تحرير؛مسرور سيال

ھرسال پڄاڻي کان پوءِ تاريخ بدلجي ٿي ته  نئين  سال جي شروعات  ٿئي ٿي ۽  ھيپي نيو ھيئر جون خوشيون ملھائجن ٿيون  ۽ نوجوان  جشن ،  من مستيون ڪن ٿا ته ڪي وري وڇوڙي جا درد ياد ڪن ٿا انھن لاءِ گذرندڙ سال ۽ نئون سال ھڪجھڙا ھجن ٿا گذرندڙ سال جي پڄاڻي واري رات ۽ نئين سال جو اڀرندڙ سج نه رڳو غم کڻي اچن ٿا پر غمن کي تازو ڪن ٿا ان کان وڌيڪ ان غم ۾ اضافو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن نئين سال جي خوشي ۾ ڇڙواڳ فائرنگ ڪن ٿا .

باڊھه شھر اھڙي درد مان گذرندو آھي ۽ شھري ۽ دوست ان  درد کي محسوس ڪندا ھوندا پر حقيقي درد ته انھن جو ھوندو جن لاءِ ھرگذرندڙ  سال وڇوڙي جو سنيھو کڻي ايندڙ ھوندو آھي . اھا رات ۽ نئين سال جو پھريون ڏينھن وڌيڪ ڪرب ، تڪليف کڻي ايندڙ ھوندو انھن  لاءِ جن لاءِ واحد سھارو ھو ، امڙ جو سڪليڌو ھو ، ڀينرن جي آس اميد ھو ، ڌيئرن لاءِ ڇپر ڇانوَ ھو پر سال جي آخري رات سندن لاءِ  اڀاڳي رات  بڻجي وئي. کانئن رات  جا رھزن گھر جو واحد سھارو ،امڙ کان سڪيلڌو ، ڀينرن کان آس اميد ، ڌيئرن کان ڇپر ڇانوَ کسي ورتي

صحافي سراپاءِ احتجاج بڻجن ٿا ھاءِ پروفائل ڪيس بڻجي ٿو پر ھن ڪيس سان به اھو حشر ٿئي ٿو جئين ھاءِ پروفائل ڪيسن سان ٿيندو رھيو آھي . قاتل ھٿ نه ٿيا ،ڪيس لوڙھيو ويو . شان جو خون پريشان رھيو روح تڙپندو رھي ٿو  جيڪو ھر ايندڙ سال دانھين ٿو ته مونکي انصاف نه ملي سگھيو ۽ اِھا دانھن ھرسال ملھائيجندڙ سندس ورسي ۾ ھن جي ڀينرن ، نياڻين جي صورت ۾ ڪئي ويندي آهي .

سال 2021ع جي پڄاڻي آھي ۽  سال 2022ع جي شروعات آھي شان ڏهر کي 8 سال وھامي ويندا، اٺين ورسي ملھائيندي ساڳي دانھن ورجائي ويندي . شھيد کي ڀيٽا ڏني ويندي! لڙڪ ڳاڙيا ويندا سندس قبر ۽  شھادت واري جاءِ تي  تصوير اڳيان گل نڇاور ڪيا ويندا، ميڻ بتيون روشن ، اگربتيون ٻاريون وينديون فاتحه پڙھي ويندي !

ھو گھر جو وڏو ھو ان ڪري ته ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ ۽ ڀينرن کي اڪيلو ڀاءُ ۽ سھارو ھو ھن پاڻ کي مضبوط سھاري طور به ثابت ڪيو گھر کي سنڀارو ڏنو ڀينرن جا گھر به آباد ڪيائين ۽ وري پنھنجي گھر کي به پر! تڪليفن ، مشڪلاتن ھن جو پيڇو نه ڇڏيو ھو، ذ ائين جئين ڏک ، اھنج ھن وٽ گھر ڪري ويا ھجن ! ھن جون ٻه شاديون ھيون کيس پٽ جي اولاد نه ھئي ٻه نياڻيون ھيون . بلڪل ائين جئين ھن پنھنجين ٻن ڀينرن کي سهارو ڏنو تئين کيس پنھنجين ٻن نياڻين کي سھارو ۽ سنڀارو ڏيڻو ھو . ڪراچي ھن لاءِ ھاڻ غير محفوظ بڻجي چڪي ھئي ،  تنھن ڪري واپس پنھنجي جنم ڀومي باڊھ پھتو جتي به ھي خاموش نه ويٺو ۽ ھميشه متحرڪ رھيو علمي ، ادبي ، صحافتي سرگرمين ۾ نظر هئي آيو ۽ ھر ڪم ۾ ايتري جلدي ڏيکارڻ لڳو جئين ڪو ھي پروگرام آخري ھجي ٻيھر ڪو پروگرام ناھي ٿيڻو ، ھن جي ھن عمل تي حيراني به ٿيندي ھئي دوست کلندا به ھئا ۽ کيس چوندا ھئا يار ! پروگرام ھي آخري ته ناھي يا ٻيا ٿيڻا ئي ناھن ، ھن کي ايڏي تڪڙ ڇو آھي ؟ پاڻ کي اھا خبر ئي نه رھي ته واقعي ھو ھر پروگرام آخري ڇو سمجھندو ھو ! شايد ان ڪري ته موت جو فرشتو شايد ساڻس ھم ڪلامي رھندو ھو

ڪراچي رھڻ وقت کيس جيترا ڏک ڏنا اوترو وري ھن کي مضبوط به بڻايو .  باڊھ ۾ اچي ھڪڙي ننڍڙي دڪان ۾ ڪڪڙ جو سوپ ٺاھڻ لڳو ۽ پنھنجي بيٺڪ سان گڏ گذر سفر جو به ذريعو جوڙڻ لڳو . ھو صحافتي طور پنھنجا فرض نڀائڻ لاءِ سرگرم رھيو لاڙڪاڻي ۾ ھڪ اردو ٽي وي چينل ۾ بيوروچيف ٿيو ۽ مھراڻ ھوٽل جي ھڪ ڪمري ۾ پنھنجي آفيس کولي ورتائين لاڙڪاڻي ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ فعال ڪردار ثابت ٿيو پر کيس اھا فعاليت گھڻو وقت زندگي نه ڏئي سگھي.

2014ع  باڊھ ۾ نئين سال جي رات جنھن ھيپي نيو ھئير طور ملھايو پئي ويو رات جا ٻارھن ٿيندي ئي من چلن پاران  ھر طرف فائرنگ ڪئي پئي وئي ان دوران ھو شھر۾ پريس ڪلب کان ٿوري فاصلي تي  ميڊيڪل سٽي بلاڪ اڳيان  علاج لاءِ پريشان مريضن جي مدد لاءِ بيٺل ھو ته اوچتو ڪو رات جو رھزن اچي کيس گولي جو نشانو بڻائي ويو ۽ ان ئي ميڊيڪل سٽي بلاڪ جي دروازي تي پاڻ علاج لاءِ مدد جي علامت بڻجي ويو گھڻو وقت تڙپندو رھيو کيس ترت طبي امداد نه ملي سگھي ڪپھ جا پھا رکي کيس لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو لاڙڪاڻي ڪيولٽي م به ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي روايتي سستي ۽ نااھلي مظاھرو ڪيو سندس رت گھڻي مقدار ۾ وھڻ سبب دم پرواز ٿي ويو

شان ڏھر پنھنجا صحافتي فرض ته نڀايا پر صحت کاتي جي فرضن تي ڪيترائي سوال ڇڏيا جيڪي اڄ سودو باقي آھنان ڏھر اسان کان وڇڙي ويو ۽ کيس وڇڙي اٺ سال وھامي ويا آھن پر قاتل ھٿ نه اچي سگھيا آهن سندس ڀينر ۽ معصوم نياڻيون اڄ به فريادي بڻيل آھن ۽  اڪيلي سڪيلڌي ڀاءُ جي  قاتل جي ڳولا ۾ آھن ته انصاف لاءِ دانھين ٿيون  ،انصاف جي گھر ڪندي شھيد شان ڏھر جي امڙ به ھن دنيا مان مايوس ٿي راھ رباني ورتي ،شان جو گھر خالي آھي پر اڄ به فريادي آھي سندس گھر مٿان غازي عباس علمدار ع جو علم ان مظلوميت جي نشاني آھي جنھن کي شان پنھنجن ھٿن سان سينگاريندو ھو . شان ڏھر جي اٺين  ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏني ويندي قبر تي گل نڇاور ڪيا ويندا ۽ شھادت واري جاءِ تي سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاريون وينديون اتي ساڳو مطالبو به ورجايو ويندو ته شان ڏھر جي قاتلن کي وائکو ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ! ڪاش ھي مطالبو پورو ٿئي قاتل ظاھر ٿي پون .

قاتل ته ھڪ ڏينھن ضرور ظاھر ٿيندو ان ڪري "خون ۽ کٿوري لڪي نٿا سگھن ". شھيد جو رت ڌرتي ۾ جذب ضرور ٿي وڃي ٿو پر پنھنجي تاثير ختم نٿو ڪري سگهي . افسوس ھن ڳالهه جو آھي ته حڪومت پاران ڪيل واعدا به وفا نه ٿيا. شھيد جي ڀيڻ کي نوڪري نه ملي سگهي، نياڻين لاءِ بھترين تعليمي اداري  ۾ تعليم ڏيارڻ جو وچن به پورو نه ٿي سگهيو۽ وري اسان جي قانون به سندن اھا مدد نه ڪئي قاتلن کي مصلحتن ڪري تحفظ ڏنو ويو، اڄ به ڏسجي ته قاتل محفوظ آھن جيڪڏھن غير محفوظ آھي ته شھيد جو خاندان

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.