چئُه! جو توکي چوڻو آ……

تحرير؛       اسماعيل بھلڪاڻي

عبدالرحمان بھلڪاڻي جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾!!

 

ڪشمور شھر جي ڪالوني نمبر ھڪ کان اڌ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي گڊو بئراج جي ڀرسان ڏکڻ طرف واقع ڳوٺ اقبال کوسو جي مسجد جي امام ۽ منھنجي ڀاڻج حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي کي رات جو ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي بلا جواز گوليون ھڻي انتھائي بيدردي سان قتل ڪري لاش روڊ تي اڇلائي ڇڏيو ۽ واقعي کي ڦر جو رنگ ڏنو ويو پوليس ۽ اسان جي گڏيل جاچ ۾ حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي کي قتل ڪنداڙ جوابدار  پوليس اڳيان قتل جو اعتراف ڪيو تنھن کان پوء اسان جي فرياد تي جوابدار مٿان گڊو ٿاڻي ۾ شھيد حافظ عبدالرحمان جو قتل ڪيس داخل ڪري کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو جوابدار بااثر ھجڻ ڪري سوا ٻه مھينا جيل ۾ رھڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿي ويو جڏھن ته جوابدار ضمانت تي بري ٿيڻ بعد مسلسل اسان کي راڄوڻي ڪرڻ ۽ ڪورٽ پيشي تي نه اچڻ لاء ڌمڪائي ٿو اسين جوابدار جي قتل جي ڌمڪين جي ڊپ کان ڪورٽ پيشي تي به نه پيا وڃي سگھون .

ٻئي طرف ايڊيشنل سيشن جج ڪشمور ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ سبب اسان جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آھن جڏھن ته اسين مسلسل دانھيندا پيا اچون ته اسان کي جوابدار مسعود کوسو سندس ڀائرن ۽ مائٽن کان جان جو خطرو آھي کانئن اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ليڪن اڄ ڏينھن تائين اسان کي ڪنھن به قسم جو ڪو تحفظ فراھم نه ڪيو ويو اسان کي معلوم ٿيو آھي ته جيڪڏھن اسين ڪورٽ پاران گرفتاري وارنٽ نڪرڻ باوجود ڪورٽ پيشي تي نه وياسين ته مقتول شھيد حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي جو ڪورٽ ۾ ھلندڙ قتل ڪيس ختم ڪيو ويندو .

ھڪ طرف قاتل ڌر کان جان جو خطرو ٻئي طرف ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس ختم ٿيڻ جو خطرو اسين ٻن مصيبتن ۾ڦاٿا آھيون وڃون به ته آخر ڪيڏانھن وڃون ڪنھن در دانھن ڏيون ڪنھن کان انصاف گھرون؟ مسلسل ڇھن مھينن کان اسين انصاف لاء ٻاڪاري رھيا آھيون ليڪن انصاف ڏيڻ بجاء الٽو اسان کي پريشان ڪيو ٿو وڃي اسان جي ملڪ ۾ انصاف اڻلڀ ٿي ويو آھي جيڏانھن نظر ڦيرايون ٿا ھر طرف کان ناانصافيون جون دانھون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پيون  ام رباب جي ٽن گھر ڀاتين کان ويندي ھزارين مقتولن جي وارثن کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود انصاف نه ملي سگھيو آھي غريب ۽ مظلوم ماڻھن جو آخري سھارو ڪورٽون ئي ھونديون آھن پر افسوس مظلوم متاثر ماڻھون انصاف لاء ڪورٽن سان رجوع ڪرڻ بعد سالن جا سال ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود انصاف حاصل نه ڪري سگھندا آھن ڪورٽن ۾ رڳو تاريخن تي تاريخون ڏنيون وينديون آھن فريادي وڪيلن ۽ ڪراين ڀاڙن جي خرچ ۽ وقت جي ذيان کان تنگ ٿي يا ته ڪيس تان دستبردار ٿي ويندا آھن يا راڄوڻي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن جيڪڏهن ڪو فريادي سالن جا سال ڪيس ھلائي به اٿو ته سندس ڪيتريون پيڙھيون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جي فتوی ٿيندي آھي پوءِ به فتوي فريادي جي حق ۾ اچي يا مخالفت ۾ ڪا گارنٽ نه آھي

ڪجھه ڏينھن اڳ ميڊيا تي ھڪ خبر شايع ٿي ته حيدرآباد جي سينيئر سول ڪورٽ ھڪ فريادي پاران سندس زمين تي ٻئي ڌر پاران قبضي جي ڪيس جي فتوي 64 سالن کان پوء ٻڌائي وئي جڏھن ته اچرج جھڙي ڳالھ اھا آھي ته ڪيس جي فتوی جي انتظار ۾ ٻنھي ڌرين جون ٻه پيڙھيون ختم ٿي ويون ٻنھي ڌرين جي ٽئين پيڙھي پاران ڪيس جي پوئيواري ڪئي وئي جيڪڏهن ڪورٽون چاھن ته تڪڙو ۽ سستو انصاف فراھم ڪري سگھن ٿيون وڏي وقت کان انصاف جي حاصلات لاءِ تڙپندڙ ملڪ جي سڀني متاثرن جيان اسين پڻ مسلسل ڇھن مھينن کان انصاف لاءِ تڙپي رھيا آھيون پر انصاف نه ٿو ملي تنھن جي باوجود به اسين مايوس ٿيڻ بجاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ڪنداسين ته حافظ عبدالرحمان بھلڪاڻي کي بلا جواز قتل ڪندڙ قاتل کي ڦاھي تي ٽنگيو وڃي جيئين شھيد جي خون سان انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل سندس وارثن جون اميدون پ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.