پيرن جو رخ مهمان طرف ڪرڻ مهمان جي توهين ، قريشي تي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي سفير سان ملاقات واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، سعودي شهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، هڪ سعودي شهري لکيو ته اسين اهو قبول نه ڪنداسين ته پاڪستاني وزير پنهنجي اندازسان سعودي سفير جي بي ادبي ڪري، پرڏيهي وزير جي ويهڻ جو انداز ۽ پيرن جو رخ مهمان طرف ڪرڻ سعودي سفير جي توهين آهي، هڪ ٻئي سعودي شهري لکيو ته شاهه محمود جي ويهڻ جو طريقو احترام جي نشاندهي نه ٿو ڪري، اهڙن ٻين ماڻهن کي سعودي عرب کان سکڻ جي ضرورت آهي. هڪ پاڪستاني شهري لکيو ته عالمي لاڳاپن ۾ شائستگي ۽ عاجزي ضروري آهي، شاهه محمود کي باڊي لينگويج ۾ نوڙت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها. مهمانن سامهون بي ترتيب انداز ۾ ويهڻ ناقص تربيت جي نشاندهي ڪري ٿو، ٻي طرف وزيراعظم جي مذهبي معاملن واري معاون طاهر اشرفي چيو آهي ته سعودي سفير جو سرڪاري ۽ عوامي سطح تي احترام آهي، شاهه محمود کي چيلهه جو مسئلو آحي انڪري اڪثر ايئن ئي ويهندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سعودي ڀائر جي دل آزاري ٿي آهي ته ان تي معذرت ڪري سگهجي ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.