بلاول پنهنجي ننڍپڻ جي يادگار تصوير شيئر ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ننڍپڻ جي يادگار تصوير شيئر ڪري ڇڏي.

ننڍپڻ زندگي جو خوشگوار دور هوندو آهي ۽ نه رڳو شوبز ستارا پر سياستدان به پنهنجي ننڍپڻ جون يادون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهندا آهن.

گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي واهپيدارن جي وڏي انگ تبصرا ڪيا ۽ ان کي ڏاڍو پسند ڪيو.

بلاول اها تصوير بنا ڪيپشن جي پوسٽ ڪئي ۽ چاهيندڙن طرفان ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.