گوادر جي عوام کي پاڻي به ميسر ناهي: اختر مينگل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه،اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسان ترقي جا مخالف ناهيون پر اها ترقي اسان کي هرگز قبول نه هوندي جنهن سان اسان جا وجود خطري ۾ هجن، تعليمي ترقي چاهيون ٿا پر اسان جو نئون نسل تعليم جي ترقي سان ليس ٿئي پر سرڪار اسان کي حقيقي ترقي نٿي ڏئي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سارونا ۾ هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سردار اسدالله خان مينگل، سردارزاده مير براهم خان مينگل، ايم پي اي محمد اڪبر مينگل، مير عبدالسلام شاهيزئي مينگل، مير حسن رمضان زئي مينگل، نواز حيات هوتڪاڻي، حاجي جان محمد گرگناڙي سميت ٻيا موجود هئا، اختر مينگل چيو ته مشرف دعويٰ ڪندو هو ته بلوچستان جا ٽي سردار ترقي جا دشمن آهن، باقي سمورا سردار اسان سان گڏ آهن پر بلوچستان جا اهي ٽي سردار نواب اڪبر خان بگٽي، نواب خير بخش مري ۽ منهنجو والد سردار عطاءُ الله مينگل هاڻي هن هن دنيا ۾ ناهن رهيا ته پوءِ بلوچستان جي ترقي ڪٿي آهي؟ هن چيو ته گوادر جي عوام کي پاڻي به ميسر ناهي پر اتي ترقيءَ جون وڏيون دعوائون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته ڪجهه قوتن جي گهڻو اڳ خواهش هئي ته وڍ جي علائقي جي ماڻهن ۾ غلط فهمي پيداڪري ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهايو وڃي ته جيئن علائقي ۾ بدامني ٿئي، هن چيو ته هاڻي هتي سارونا ۾ توهان ماڻهن ۾ نئين راند شروع ڪري چڪا آهن پر توهان ماڻهن کي انهن شين کي سمجهڻو پوندو ته جيئن ماڻهن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ وارن کي ناڪامي ٿئي، مير اڪبر مينگل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪا وهشت هتي شروع ٿي چڪي آهي ان جي شروعات منهنجي اباڻي ڳوٺ مان هتي منتقل ڪرائي وئي آهي، اسان کي اها خبر نه هئي ته ايترو جلدي ان وهشت کي اهي ماڻهو سارونا منتقل ڪري ڇڏيندا، هن چيو ته ساورنا جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ته تمام جلد سارونا جي روڊ جو ڪم شروع ٿيندو، عبدالواحد غلاماني چيو ته سردار عطاءُ الله مينگل جي وڃڻ کانپوءِ اختر مينگل اسان جو قومي هيرو آهي، حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه،اڳوڻي وڏي وزير سردار اختر مينگل چيو آهي ته اسان ترقي جا مخالف/ڏسو صفحو 7 ڪالم 3 ناهيون پر اها ترقي اسان کي هرگز قبول نه هوندي جنهن سان اسان جا وجود خطري ۾ هجن، تعليمي ترقي چاهيون ٿا پر اسان جو نئون نسل تعليم جي ترقي سان ليس ٿئي پر سرڪار اسان کي حقيقي ترقي نٿي ڏئي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سارونا ۾ هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سردار اسدالله خان مينگل، سردارزاده مير براهم خان مينگل، ايم پي اي محمد اڪبر مينگل، مير عبدالسلام شاهيزئي مينگل، مير حسن رمضان زئي مينگل، نواز حيات هوتڪاڻي، حاجي جان محمد گرگناڙي سميت ٻيا موجود هئا، اختر مينگل چيو ته مشرف دعويٰ ڪندو هو ته بلوچستان جا ٽي سردار ترقي جا دشمن آهن، باقي سمورا سردار اسان سان گڏ آهن پر بلوچستان جا اهي ٽي سردار نواب اڪبر خان بگٽي، نواب خير بخش مري ۽ منهنجو والد سردار عطاءُ الله مينگل هاڻي هن هن دنيا ۾ ناهن رهيا ته پوءِ بلوچستان جي ترقي ڪٿي آهي؟ هن چيو ته گوادر جي عوام کي پاڻي به ميسر ناهي پر اتي ترقيءَ جون وڏيون دعوائون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته ڪجهه قوتن جي گهڻو اڳ خواهش هئي ته وڍ جي علائقي جي ماڻهن ۾ غلط فهمي پيداڪري ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهايو وڃي ته جيئن علائقي ۾ بدامني ٿئي، هن چيو ته هاڻي هتي سارونا ۾ توهان ماڻهن ۾ نئين راند شروع ڪري چڪا آهن پر توهان ماڻهن کي انهن شين کي سمجهڻو پوندو ته جيئن ماڻهن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ وارن کي ناڪامي ٿئي، مير اڪبر مينگل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪا وهشت هتي شروع ٿي چڪي آهي ان جي شروعات منهنجي اباڻي ڳوٺ مان هتي منتقل ڪرائي وئي آهي، اسان کي اها خبر نه هئي ته ايترو جلدي ان وهشت کي اهي ماڻهو سارونا منتقل ڪري ڇڏيندا، هن چيو ته ساورنا جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ته تمام جلد سارونا جي روڊ جو ڪم شروع ٿيندو، عبدالواحد غلاماني چيو ته سردار عطاءُ الله مينگل جي وڃڻ کانپوءِ اختر مينگل اسان جو قومي هيرو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.