لاڙڪاڻي ويجهو پورهيت جو لاش هٿ، قتل جو الزام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ ڀائي خان وڳڻ واسي 35 سالن جي پنجن ٻارن جي پورهيت پيءُ بخت علي پٽ خدابخش شيخ جو زرعي زمين جي پلال مان لاش ڏسي علائقي واسين حد جي  رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي وارثن مقتول جو لاش کڻائي وارثن سان گڏجي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران مقتول جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا.  ان موقعي تي مقتول جي پيرسن پيءُ خدابخش شيخ روئيندي صحافين آڏو دانهيو ته منهنجو ڳڀرو پٽ ٽرڪ تي مزدوري ڪري پنهنجي چئن نياڻين، هڪ پٽ، گهر واري ۽ اسان جو پيٽ گذر ڪندو هو اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي خبر ناهي ته ڪنهن بيدرديءَ سان پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، قاتلن پٽ کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي. ان حوالي سان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته اعليٰ عملدارن جي هدايتن تي قتل واري واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.