نواز شريف کي جنم ڏينهن جون واڌايون، سندس ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ ) ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مون کي نواز شريف جو ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي.

نواز شريف جي ڄمڻ واري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پنهنجي ڀاءُ، قائد، سچي پاڪستاني ۽ عوام دوست اڳواڻ محترم محمد نواز شريف کي سندس ڄمڻ واري ڏينهن تي واڌايون ڏيان ٿو.

هن چيو مون کي فخر آهي ته الله تعاليٰ محمد نواز شريف جي شڪل ۾ اهڙو ڀاءُ  ۽  قائد عطا ڪيو آهي، جيو رشتن کي مقدس سمجهي ٿو ۽ انسان جي  احترام  تي يقين رکي ٿو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي دل پنهنجي عوام ۽ ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڌڙڪي ٿي، هو اصول ۽ ملڪ جي مفاد ۾ هر خطري  کي منهن ڏئي ويندو آهي، جنهن جا حوصلا هماليا کان به وڏا، محبت ماکي کان به مٺي ۽  ارادا  فولاد کان به مضبوط آهن.

شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي سلامت رکي ۽ اسان جي سِرن تي اوهان جو پاڇو قائم  ۽ دائم رهي، آمين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.