لاڙ جي خان شاهه جو ميلو ۽ سنڌ جون صوفي روايتون

تحيري : غلام مصطفى چانڊيو

سنڌ سونهاري جون درگاهون سچ پچ ته دعا جا در آهن اهي درگاهون انهن مهان انسانن درويشن صوفين ۽ عالمن جون آهن جن پنهنجي عمل ۽ ڪردارن سان انسان دوستي ، سهپ ، امن ، رواداري ۽ ميٺ محبت جي اها جوت جلائي جنهن جي واٽ اڄ به سنڌ جي عوام جي دلين ۽ ذهنن کي روشن پئي رکيو اچي، اهوئي سبب آهي جو اڄ به هزارين ماڻهون انهن درگاهن تي حاضري ڀري پنهنجي روحاني تسڪين جو پورائو ڪن ٿا. اهڙن ئي انسان دوست ۽ الله وارن درويشن جي مالها جو هڪ موتي حضرت صوفي بزرگ سيد اوليا خان شاهه به آهي، جنهن جي درگاهه لاڙ پڇاڙ ضلع بدين تعلقي ٽنڊي باگي ۾ تمام گھڻي مشهور آهي.

حضرت اوليا خان شاهه بادشاهه ڪامل بزرگ هو سندس علمي فيض ۽ بزرگي جو اثر سڄي لاڙ تي پيو اوليا خان شاهه جي طالبن ۽ مريدن جو حلقو نهايت وسيع آهي پاڻ سڄي ڄمار روحاني تربيت ۽ ذڪر جي سلسلي کي مريدن ۾ عام ڪيائين ذڪر ، فڪر ۽ مريدن خادمن جي روحاني سکيا جو اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.

لاڙ پڇاڙ ضلع بدين تعلقو ٽنڊو باگو ۾ باقي ٻين درگاهن جي ڀيٽ ۾ لاڙ جي لال سيد سمن شاهه سرڪار کان پوءِ سالياني ميلي جي حوالي سان اوليا خان شاهه ٻيو نمبر درگاهه آهي جتي هر سال سندس عرس مبارڪ جي موقعي تي سندس خانداني گادي نشين سائين پير نصير محمد شاهه قريشي ميلو لڳائيندو آهي

درگاهه اوليا خان شاهه جي موجوده سجاديه گادي نشين قبلا پير نصير محمد شاهه قريشي پڻ يارن جو يار مهمان نواز اهل دل انسان ۽ درويش صفت بزرگ آهي پاڻ سڄي ڄمار درگاهه جي سار سنڀال ڪندي درگاهه تي آئي وئي جي خدمت چاڪري ٽهل ٽڪور ۽ ڳوٺ واسين جي آئي ويل ڪم ايندي گزاري ڇڏي آهي. پير نصير محمد شاهه پاڻ صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو ، جو هڪ چٽو مثال آهي سندس روحاني نسبت ملتان شريف جي پير ۽ جهوڪ شريف سان آهي. پاڻ سٺو شاعر ۽ سماج سڌارڪ صوفي آهي. جڏهن ته وڏو چٽو سچ هي به آهي ته اوليا خان شاهه قريشي خاندان صدين کان ٽنڊوباگو تعلقي ۾ آباد آهي هن خاندان جو سلسلو نسب رسول الله ﷺ جن جي چاچي حضرت سيد ناعباس سان ملي ٿو هي خاندان نقوي پرهيزگاري ۽ سنت رسول الله ﷺ جي نعمت سان مالا مال آهي جيڪو دين اسلام جي خدمت ڪندو پيو اچي جنهن کي سنڌ سميت هند ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا هزارين لکين ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن.

لاڙ سنڌ جي هن عظيم هستي جي اسلامي ديني ۽ انساني خدمت ڪندڙ صوفي بزرگ اوليا خان شاهه جي صوفيا ڪرام جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو انهن مبارڪ ۽ مقدس هستين هميشه سلامتي ڀائيچاري پيار محبت جو درس ڏنو. تنهن ڪري سنڌ جي عظيم صوفيا۽ ڪرم جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت هن وقت آهي.

سنڌ ۾ لطيف سرڪار، سچل ، سامي، روضي ڌڻي بچل شاهه بخاري، لال شهباز قلندر ، سمن سرڪار سميت ٻين عظيم روحاني هستن جي انسانيت لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نٿو سگهجي الله جي اوليائن هميشه امن ۽ سلامتي لاءِ نمايان ڪردار ڪيو آهي. اوليا خان شاهه جو فيضان به تا قيامت جاري رهڻو آهي ڇاڪاڻ جو انهي ذات پات کي ڇڏي ڪري سدائين انسانيت جي بهتري ۽ ڀلائي جهڙا ڪم ڪري انهن کي ماڻهون مان انسان بنائڻ جي جستجو ڪئي، سنڌ جون درگاهون ۽ خانقاهون ملڪ جون وڏي ۾ وڏيون اين جي اوز جو ڪرادار ادا ڪري رهيون آهن جتي هزارين ماڻهن جي خير خواهي ٿيندي رهي ٿي ۽ اتي هميشه لنگر عام جام ملندو رهي ٿو. هي دور جنهن ۾ انتها پسندي سهپ رواداري تي آهستي آهستي غالب پئجي رهي آهي اهڙي ئي دور ۾ انهن صوفي درويشن جو سبق مذهبي تفريق خلاف هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

هن وقت جڏهن ملڪ جي ٻين صوبن ۾ صوفي درويشن جي مزارن تي به حملا ٿي رهيا آهن ۽ مذهب جي اوٽ ۾ ڪجهھ فرد انسانيت خلاف جنگ ۽ مذهب جي غلط تشريح ڪري پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي عملي جامو پهرائي رهيا آهن. تڏهن اهڙن صوفي بزرگن جي پيغام کي عام ڪرڻ موجوده وقت جي اشد ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو اسلام جو حقيقي پيغام ته هنن صوفي درويشن جي ڏنل تعليم ۾ آهي، لاڙ پٽ جي لامن مٿان لڙي ويل سج جي لالاڻ ،سڳداسي، چانورن جي سرهاڻ ، اتر واءُ جي اوهيرن ۾ سارين جا لابارا ۽ چيٽ جي پوکائي شروع ٿي ويندي آهي انهن ڏينهن ۾ لاڙ جاڳڀرو اوليا خان جي ميلي جو انتظار ڪندا آهن ۽ خان شاهه جو ميلو اچڻ تي لاڙ جي ڳوٺن ۽ انهن جي دلين ۾ هڪ عجيب سرگرمي شروع ٿي ويندي آهي نه فقط لاڙ پر سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين ماڻهون ڪهي اچي سائين جا سلامي ٿيندا آهن ۽ سائين خان شاهه جي آسڻ تي ايندڙ  پنهنجي صوفياڻي وجد ۾ راڳ تي جهومندڙ دليون ڏسي اهو يقين پختو ٿيڻ لڳندو آهي ته هي ديس پنهنجي مزاج ۾ هميشه صوفياڻين روايتن جو امين رهڻو آهي ۽ سائين اوليا خان شاهه سرڪار جهڙن صوفي بزرگن جي ڏنل پيغام کي ڪابه فنا نه آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.