لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جي ورسي ڦل شهر ۾ ملهائڻ گهرجي

ساھتي پرڳڻو سنڌي ادب، تعليم، صحافت، آرٽ ۽ موسيقي جي حوالي سان اوائلي دور کان وٺي مالا مال رھيو آھي. ۽ ھتان جي اديبن، شاعرن، دانشورن، تعليم دانن ۽ فنڪارن ڏيهھ توڙي پرڏيهه ۾ پاڻ مڃائي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. ساھتي پرڳڻي ھر مڪتب فڪر جي شعبي سان گڏوگڏ موسيقي جي ميدان ۾ پڻ وڏو نالو ڪمايو آهي. ڳالهه ڪجي موسيقي جي ته اسان وٽ استاد گلزار علي خان، ماسٽر چندر ۽ انور وسطڙي ۽ جلال چانڊيو جھڙا نالا تڪڙ ۾ ذھن تي اڪري اچن ٿا جن ڏيھه پرڏيهھ ۾ نالو ڪمايو،

اڄ افسوس سان اھو چوڻو پوي ٿو ته اسان جي راڳين سنڌي موسيقيءَ کي جيئندان ڏئي جلا بخشي ۽ ٻڌندڙن ۽ روحاني فيض پھچائي کين جهومائي ڇڏيو پر اسان جي بي حس حڪومتن  سندن کٽيو ته کاڌو پر سندن مالڪي نه ڪئي جنهن سبب ھو بي يارو مددگار ٿيندي راھ رباني وٺي رمندا رھيا.
راڳي لوڪ فنڪار جلال چانڊئي جو جنم سال 10 آگسٽ 1944ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جو هٽ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو.

جلال چانڊيو ڪيترائي دفعا بيماري جي سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، پر هن بيماري جو ڄمي مقابلو ڪيو، پر بعد ۾ هن جي بيماري ڏانهن بي توجهي سبب سندس گڙدن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخر 10 جنوري 2001ع ۾ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙي طرح سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد گائڪي جي هڪ انداز جي پڃاڻي ٿي پر ان جي باوجود جلال جي وڇوڙي سان گڏ سنڌي راڳ جي هڪ منفرد انداز جو بنياد ٿيو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي جلال جي ڇڏيل ورثي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون ڪري جلال جي انداز واري راڳ کي وڌيڪ هٿي ڏني جن ۾ گل شير تيوڻو، محمد يوسف پنهور، نورل ماڇي، دلشير تيوڻو، جڏهن ته سندس اولاد مان قلندر بخش چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو ڳائي سنڌي موسيقيءَ جي هن انداز کي زنده رکيو پيا اچن.

سگا ڦل شاخ ۽ سندس اولاد هر سال 10 جنوري تي ڦل شهر ۾ سندس ورسي تقريب ملهائيندا آهن جنهن ۾ هزارين سندس مداح شرڪت ڪندا آهن.

پر افسوس جي ڳالھه اها آهي جو هن ڀلوڙ لوڪ راڳي جي ورسي ثقافت کاتي طرفان ڪڏهن به سندس آخري آرام گاه ڦل شھر ۾ نه ٿي ملهائي وڃي گذريل ڪجھه سالن کان ثقافت کاتو سندس ورسي مختلف تاريخن تي ٻين شھرن ڪراچي حيدرآباد ۾ ملهائيندو رهيو آهي.

جڏهن ته جلال جي مداحن جو مطالبو آھي ته ثقافت کاتو جلال چانڊيو جي ورسي سندس جي وڇوڙي جي تاريخ 10 جنوري تي سندس آخري آرام گاهه ڦل شھر ۾ ملهائي ڇوته ان تاريخ تي جلال جا مداح ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان بنا ڪنهن دعوت جي هزارن جي تعداد ۾ پهچي ويندا آھن ۽ ان تاريخ تي ڦل شھر ۾ ميلي جو سمان هوندو آھي ۽ جيڪڏهن ثقافت کاتو ان تاريخ تي جلال جي ورسي ملهائي ته بهتر ٿيندو باقي سگا شاخ ڦل,۽ سندس فرزندن قلندر جلال,دلبر جلال,معشوق جلال ۽ نادر جلال چانڊيو پاران هر سال ڦل شھر ۾ ورسي ملهائي ويندي آھي.

محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

احساس سينٽر رشوت جو گھر بڻيل!

ھڪ سال اڳ وفاقي حڪومت پاران غربت کي ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ احساس ڪفالت نالي پرگرام شروع ڪيو جنھن وسيلي ڇھن مھينن بعد في مستحق کي ٻارنھن ھزار روپيا ڏنا وڃن ٿا حقيقت ھي آھي ته حڪومت احساس ڪفالت نه بلڪه احساس ذلالت پروگرام شروع ڪيو آھي ان پروگرام تحت عوام کي رليف ذلالت گھڻي نصيب ٿئي ٿي احساس سينٽر رشوت ۽ ظلالپ جو گھر بڻيل آھي.

احساس سينٽر ۾ ويٺل بي احساس ڊوائيس مالڪ ڄورا بڻجي مسڪينن بيواھن جو رت چوسي رھيا آھن ھر مستحق کان پوليس جي موجودگي ۾ ھزار روپيه ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي سينٽر ۾ عام غريب مستحق کي سڄو ڏينھن قطار ۾ بيھاري خوار ڪيو وڃي ٿو. سفارشي ماڻھن کي بغير لائين بيھارڻ جي پئسا ڏنا وڃن ٿا.

سينٽر جي اندر ڊوائيس مالڪن جا ايجنٽ موجود آھن جيڪي ماڻھن کي  مختلف طريقن سان ڊيڄاري ھزار روپيه رشوت وٺي  ڊوائيس مالڪن کان بغير انتظار جي پئسا وٺرائي ڏين ٿا ڪو ماڻھو پئسا وڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو يا رشوت گھٽ وٺڻ جو چوي ٿو ته ڊوائيس مالڪ توڙي سينٽر انچارج ان کي ڊيوٽي تي موجود اھلڪارن کان ڌڪا ڏيئي سينثر کان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏن ٿا جيڪڏهن ڪو ماڻھو سلجھيل ڏسن ٿا سمجھن ٿا ته کانئس کين رشوت نه ملندي ته ان کي ڊوائيس فگر نه کڻڻ يا سندس بيلنس نه اچڻ جي بھاني موٽائي ڇڏن ٿا سڄي سنڌ ۾ احساس سينٽر ۾ ڊوائيس ۽ ايجنٽ مافيا جي ملي ڀڳت سان مستحقن کان غيرقانوني طور ھزار ڪٽوتي ڪرڻ جون خبرون روز ميڊيا تي نشر ٿين ٿيون پر انتظاميه ڪڏھن به ڪو تحرڪ نه ورتو آھي۔

ڏٺو وڃي ته ھن پروگرام ۾ غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ ۽ ڪافي سارا معذور ۽ بيواه ماڻھو شامل آھن ايجنٽ ۽ ڊوائيس مالڪ مافيا بيواھن معذورن کان به رشوت طور ڪٽوتي ڪري رھي آھي.

جڏھن ته ڊوائيس مالڪن کي حڪومت پاران پڻ پگھار ڏني وڃي ٿي ڊوائيس مالڪ جيڪي اڳ پيادل گھمندا ھئا ھينئر ڪروڙ پتي بنگلن ۽ گاڏين جا مالڪ  بڻجي ويا في مستحق کان ھزار روپيه ڪٽوتي جي حساب سان سئو مستحقن کان لک روپيه ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي.

احساس سينٽر ۾ چار ڊوائيس ھلندڙ آھن ھڪ ڏينھن چار کان پنج لک روپيه ڊوائيس مالڪ ۽ ايجنٽ ڪمائي رھيا آھن جيڪو غريب مسڪين مظلوم بي پھچ ماڻھن سان سراسر ظلم ۽ سندن حقن تي ڌاڙو آھي۔ ھر  احساس ڪفالت جي ھر قسط اچڻ شرط سوشل ميڊيا توڙي اخبارن جي ڪالمن وسيلي ڊي سي ۽ احساس ڪفالت پروگرام جي مانيٽرنگ ڪندڙ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو مسحقن کان ٿيندڙ ڪٽوتي خلاف ڌيان ڇڪرائيندو آھيان لاڳاپيل آفيسرن ۽ اختيارن ڪڏھن به دانھن نه ورنائي ائين چئجي ته صاحب اگھور ننڊ ستل آھن .

اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.