مانجهند ويجهو روڊ حادثو، پيءُ فوت معصوم پُٽ زخمي

مانجهند ويجهو روڊ حادثي ۾ 45 ورهين جو راشد چانڊيو فوت جڏهن ته معصوم ٻارڙو زخمي ٿي پيو

انڊس هاءِ ويي تي ڄامشوري کان سيوهڻ ويندڙ موٽرسائيڪل کي سامهون ايندڙ ٽرڪ ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي راشد چانڊيو فوت ۽ سندس معصوم پٽ زخمي ٿي پيو

مقامي ماڻهن فوتي جو لاش مانجهند اسپتال پهچايو، جڏهن ته زخمي معصوم کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي

هوڏانهن پوليس ڪاروائي ڪندي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور موقعي تي ئي فرار ٿي ويو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.