گهوٽڪي: ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار

گهوٽڪي ۾ ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاڳرتا سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز علي هاليپوٽو، اسسٽنٽ ڊاريڪٽر سرڪل آفيسر لياقت علي ۽ ٻين اختيارين سميت شهرين ۽ کاتي جي ملازم توڙي شاگردن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر 2 ظفر عباس عباسي مهمان خاص طور هو.ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته دنيا ۾ ڪرپشن خلاف ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي اسان جو مقصد پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ آهي، اختيارين جون چوڻ هو ته ڪرپشن اسانجي ملڪ ۽ قوم کي ڪينسر جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي جنهن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، جڏهن ته سيمينار کانپوءِ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڊگري ڪاليج کان مين چوڪ تائين ڪرپشن خلاف جاڳرتا ريلي پڻ ڪڍي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.