حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي واسي جو امڙ سميت احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي ڀٽي پاڙي جي رهواسي جميل احمد شورو پنهنجي ماءُ سان گڏجي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته هن جو ڪنهن به قومپرست يا سياسي تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي. هنن چيو ته 2015 ۾ مون کي هڪ قومپرست پارٽي سان وابسطه هجڻ سبب کنڀي جيل اماڻيو ويو هو ۽ 2017 ۾ مون کي عدالت سڳوري آزاد ڪيو ۽ سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا. هن چيو ته جيل مان واپس اچڻ کان پوءِ هن پريس ڪانفرنس ڪري ان قومپرست تنظيم سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو، تنهن باوجود کيس وري به ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو ۽ 2020 ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجو ڪنهن به قومپرست تنظيم سان ڪو به تعلق ناهي ۽ مان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهيان، ان جي باوجود پهرين ڊسمبر جي رات جو قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ پوليس اهلڪارن سندس گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.