ملير: قائدآباد جي گُل محمد مهر گرامر هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب

ملير جي علائقي قائدآباد جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي،

جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن، والدين، استادن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪري سنڌ جي ثفاقت کي اجاڳر ڪيو.

گُل محمد مهر گرامر هاءِ اسڪول ۾ ڪرايل ثقافتي تقريب ۾ استادن، شاگردن، سندن والدين توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ثقافتي ويس پهريل شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي ثقاقت کي اجاڳر ڪيو، جڏهن ته قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو جڏهن ته شاگردن وچ ۾ راندين جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارڙن ۾ انعام ورهايا ويا.

تقريب کي خطاب ڪندي هيڊ مسٽريس ماهه نور سنديلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت قديمي آهي، ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسين پنهنجي ثقافت بابت دنيا جي هر ماڻهو کي ٻڌايون ته سنڌي قوم پرامن قوم آھي، جيڪا عظيم ثقافت جي امين آھي، اسان ثقافت جو ڏينهن عيد جيان ملهائيندا آهيون. تقريب جي آخر ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ خوشحالي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.