” سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ ڄامشورو ۾ ثقافتي تقريب

ڄامشورو (رپورٽ: صدر جوڻيجو ) علمي ادبي شھر ڄامشورو ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي ڄامشورو چئيرمين ربنواز ابڙو جي ميزباني ۾ مقامي هوٽل ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڄامشوري جي ساڃاھ وند شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي استاد دانشور اديب حبيب حضوري، سماجي تنظيم سگا شاخ ڄامشوري جو صدر حافظ الهندو تيوڻو، بروهي اتحاد اڳواڻ ارشاد حسين بروهي، سماجي اڳواڻ  الاهي بخش عالماڻي، استاد روشن برهماڻي، اين بي کوسو، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب صدر عرفان علي برفت، ڄامشورو اتحاد اڳواڻ ممتاز راهوجو، نبي داد لغاري، ايس يو پي اڳواڻ پير بخش سهارڻ، قادر بخش ڀلائي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ مرتضي نائچ، غلام رسول منگي، لسوا اڳواڻ اعجاز برفت، سيوا اڳواڻ رياض ناريجو, دڪاندار اتحاد صدر عبدالرحيم جمالي، فنڪار منظور دانش ۽ مزاحيه  فنڪار منظور چانڊيو سميت نثار لاکير ضمير احمد تيوڻو الطاف مگسي صحافين  شريف ابڙو صدرالدين جوڻيجو  مير مرتضي نوحاڻي سهيل احمد جويو حيات ميراڻي راشد لاکير رحيم بلوچ  پنهنجن پنهنجن لفظن ۾ ڌرتيءَ جي سونهن سنوارڻ جو وچن پاريو ويو، هنن چيو ته عوامي آواز طرفان ڏنل نعري "سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اڄ جيان 5 ڊسمبر کي عوامي آواز جي ان نعري هيٺ ڀرپور ملهائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.