نوشين شاهه واقعي خلاف لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جون ريليون، انتظاميا خلاف نعرا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيم اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻو پاران نوشين شاهه واري واقعي خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ خان غفار خان، ڊاڪٽر عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر زاهد چانڊيو، وقار کوسو، يار محمد عباسي، آفاق جلباڻي، مدثر مجبتيٰ، علي زيب، صداقت گمب، مجاهد جمالي، محمد عمر آرائين، عرفان ڦلپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي جسقم ۽ جساف لاڙڪاڻي طرفان جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، جسقم ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، طارق ڪورائي، فراز کهاوڙ، راحب سومرو، امتياز موريو، قاسم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس، قائد عوام يونيورسٽي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن پڻ شرڪت ڪري هٿن ۾ بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي شهيد محترمه بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته ته معاملي جي جي آءِ ٽي ٺاهي يونيورسٽي جي وي سي، پرويسٽ ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري واقعي بابت اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن جيئن سنڌ جا ماڻهو چانڊڪا ڪاليج جهڙن تعليمي ادارن ۾ پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.