ڪراچي جو امن تباهه ٿيڻ لڳو، ڏينهن ڏٺي جو بينڪ مان لکين رپين جو ڌاڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ هٿياربند ڦورو خانگي بينڪ ۾ ڪلاشنڪوف کڻي اندر داخل ٿيا، عملي کي ڊيڄاريو، يرغمال بڻايو ۽ ڪيس ڪائونٽر مان 10 لک رپيا ۽ مقرر سيڪيورٽي گارڊ جو هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب واردات صبح جي وقت ٿي جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سان ليس 6 جوابدارن خانگي بينڪ مان 10 لک رپين جو ڌاڙو هنيو.

سي سي ٽي وي ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورن بينڪ ۾ موجود ماڻهن ۽ عملي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ ڪيش ڪائونٽر کي خالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.