ايراني فورسز سان جهڙپون، طالبان جو بيان سامهون اچي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ اقتدار هيٺ طالبان جي فورسز ۽ ايران جي سرحدي گاردن جي وچ ۾ جهڙپن جي حوالي طالبان حڪومت جي نائب ترجمان جو بيان سامهون اچي ويو آهي.

طلوع نيوز موجب امارات اسلامي جي نائب ترجمان بلال ڪريمي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته صوبي نمروز جي سرحدي علائقن ۾ طالبان فورسز ۽ ايراني فورسز جي وچ ۾ جهڙپون ٿيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جهڙپون هن وقت بند ٿي چڪيون آهن ان دوران ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان نه ٿيو، بلال ڪريمي جهڙپن جي سببن جي حوالي سان ڪي تفصيل نه ڏنا.

انکان اڳ مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جهڙپون جاري رهيون طالبان فورسز 5 ايراني آئوٽ پوسٽس تي قبضو ڪري ورتو آهي جيتوڻيڪ ان حوالي سان ايران جو ڪو به موقف سامهون ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.