حيدرآباد ۾ ڦورن دڪاندار قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته يونٽ نمبر 5 جي محبوب گرائونڊ واري علائقي ۾ ٻارن جون شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندار 55 ورهين جو سيد نور حسين پٽ سيد عاشق علي دڪان بند ڪري پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته گهٽي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن روڪي کانئس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران دڪاندار مزاحمت ڪئي ته ڦورن گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب دڪاندار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ابتدائي طور علاج لاءِ شاهه ڀٽائي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو جنهن جو لاش بعد ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جي مرده خاني منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.  واقعي بعد ۾ علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو جڏهن ته مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي پوليس واقعي ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري سگهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سندن علائقن ۾ بي سيڪشن پوليس پاران رات جي وقت گشت نٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري علائقن ۾ ننڍيون وڏيون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن جڏهن ته هاڻي ڦورو بي لغام ٿي دڪاندارن ۽ شهرين جي موت جو سبب بڻجي رهيا آهن. علائقي واسين ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته بي سيڪشن ٿاڻي جي نااهل ايس ايڇ او محمد علي ڌامراهه کي فوري طور تي هٽائي فرض شناس عملدار کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو وڃي ته جيئن علائقي جو امن بحال ٿئي ۽ شهري به محفوظ بڻجي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.