ڪورنگي ۾ ايس او ٽريفڪ لانڍي جون مختلف ڪاروايون، گاڏيون چالان

ڪورنگي (ن ع آ ) ڪورنگي ۾ ايس او ٽريفڪ لانڍي جون مختلف ڪاروايون ڪندي  17 گاڏين کي  چالان ڪري ڏنڊ وصول ڪيو ويو  ڪورنگي جي علائقي  چورنگي وٽ ايس او ٽريفڪ لانڍي سيڪشن  محمد حنيف پاران مني بسن جي ڇتن تي ماڻهو ويهارڻ .مزدا گاڏين ٽرڪن تي اور لوڊ کڻڻ سميت پريشر هارون ۽  غفلت لاپرواهي جي بنياد تي مختلف 17 گاڏين کي چالان ڪري ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي جڏهن ته بسن جي ڊرائيورن کي  آئنده ڇتن تي ماڻهو نه ويهارڻ جي وارننگ جاري ڪئي. ان موقعي تي  ايس او ٽريفڪ سيڪشن لانڍي محمد حنيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇت مٿان مسافر ويهارڻ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي جڏهن ته تيز رفتاري سبب پڻ حادثا پيش اچن ٿا پريشر هارون غيرقانوني عمل آهي جنهن کي ختم ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.