خيرپور ۾ڀوپي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج، ٻن ڄڻن کي مارڻ جو الزام

خيرپور ( س ر ) تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مصري  خاصخيلي جي رهواسي مري برداري جي امام ڏنو، مجاهد، مسمات الهه بچائي، مسمات الهوسائي مري ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب ساڻ ڪري صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي سوراهه چونڪ ڪوٽ بنگلي ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو شاهه جي رهواسي ڪارو علم ڪندڙ ڀوپي بادل ولد اکو مل ماڙيچو مٿان الزام مڙهيو آهي ته هن مخالفن جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪارو علم ڪري اسان جي والد بگن ولد دوست محمد مري کي ماري خون ڪيو آهي جڏهن ته 28 نومبر 2021 تي رات دير سان مسمات سهڻي زال الهوسايو مري هن جي ڪاري علم سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪي آهي ۽ هن اسان خلاف ڪارو علم ڪري اسان جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس جوابدار خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري جنهن ڪري اسان جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊِ ايس پي ڪوٽڏيجي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بادل ماڙيچو خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سندس خلاف علم جو غلط استعمال ڪري اسان جي ٻن ماڻهن کي مارڻ جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.