نئون آباد مان پورهيت جو رڪشو چوري، احتجاج

ڄام نواز علي (ن ع آ) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ چور ٻيهر سرگرم ٿي ويا سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت لال بخش ڪنڀر پٽ محمد سومر ڀٽائ  ڪالوني نئون آباد جي رواسي جو گهر اڳيان بيٺل  رڪشالوڊر نامعلوم چور رات جي انديري ۾ ڪاهي فرار ٿي ويا متاثر نوجوان لال بخش ڪنڀر ٻڌايو ته مون محنت مزدوري ڪري ڏيڊ لک ۾ رڪشالوڊر ورتو هو جنهن ته ٽنڊوآدم سبزي منڊي مان سبزي خريد ڪري اچي نئون آباد شهر سبزي کپائي پنهجن ٻچن جو پيٽ گذرڪندو هئيس مون مسڪين جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آهي چورن مون سان ظلم ڪيو آهي پوليس کي بروقت اطلاح ڏيڻ باوجود پوليس نه پهتي ٻئي طرف رابطي ڪرڻ ته ايس ايڇ او نئون آباد احمد خان خاصخيلي ٻڌايو ته پوليس رات جو شهر ۾ گشت ڪري رهي چوري جي واردات رات اندري ۾ ٿي آهي اسان کي اطلاح به دير سان مليو آهي جنهن پوء اسان مختلف روڊن ته ناڪابندي ڪري  چيڪنگ ڪئي آهي تمام جلد چورن کي گرفتار ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.