ڪورونا فنڊ ۾ اربن جون بي ضابطگيون، بچاءُ ادارن کي اختيارين جي اجازت کان سواءِ رقم جاري

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ جي آڊٽ رپورٽ ۾ اربين رپين جي باضابطگين جوانڪشاف ٿيو آهي، جن کي قانوني شڪل ڏئي منظور به ڪيو ويو آهي. 2020ع ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ مختص ڪيل امدادي پئڪيج جي جاچ پڙتال ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين جي نشاندهي ٿي آهن. رپورٽ ۾ اين ڊي ايم اي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن، بچاءُ وزارت ۽ ٻين کاتن جي اڪائونٽن ۾ ڪووڊ 19 لاءِ رقم ڏني وئي هئي. جن جي پڙتال ٿي ته بي قاعدگين جي نشاندهي ٿي. ناڻي وزارت جي ترجمان مزمل اسلم بي بي سي کي ٻڌايو ته  ڪورونا فنڊن جي آڊٽ جو شرط آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهي، ڪورونا فنڊن جي آڊٽ رپورٽن تي آءِ ايم ايف مطمئن آهي. هن ڪنهن به انڪوائري بابت سوال جو جواب نه ڏنو. ٻئي طرف فواد چوڌري چيو ته ميڊيا ۾ ظاهر ڪيل خبرون اڻ ڄاڻائي جو اظهار آهن. هن چيو ته رپورٽ ۾ سمورن پيرائن جا جواب ڏنا ويا آهن، اي جي پي آفيس ۽ آءِ ايم ايف ٻئي جوابن مان مطمئن آهن. رپورٽ تيار ڪرڻ وارن ۾ شامل اي جي پي جي اعليٰ آفيسر تفاخر علي اسدي بي بي سي کي ٻڌايو ته هي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ٿي چڪي آهي ۽ طريقي ڪار موجب ان تي بحث ڪيو ويندو. هن چيو ته عام طور به رپورٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، اتي اي جي پي جا نمائندا به هوندا آهن ۽ سرڪاري ٽيم سامهون سوال رکيا ويندا آهن. قاعدن تحت هي عمل ميڊيا جي سامهون ٿيندو. وزيراعظم ۽ حڪومت ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪل 1240 ارب رپيا مخصوص ڪيا هئا. رپورٽ ۾ اين ڊي ايم اي جي هڪ منصوبي ۾ نشاندهي ٿي ته چين 40 لک ڊالرن جي رقم 250 بسترن تي اسپتال لاءِ عطيو ڪئي، ته اين ڊي ايم اي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏنو ۽ ٻن قسطن ۾ 60 ڪروڙ جاري ڪيا ويا، آڊٽ مان معلومات ملي ته اسپتال جي تعمير لاءِ چيني رقم بدران ڪووڊ فنڊ استعمال ٿيو. آرمي جي دل جي مرضن واري اداري ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان موجب انهن کي 20 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا پر پتو پيو ته ڪورونا بدران پراڻا قرض ادا ڪيا ويا ۽ دل جي مريضن جي دوائن لاءِ اها رقم استعمال ٿي. هن ۾ اها نشاندهي ٿي ته ايف ڊبليو او کي ڏنل 29 ڪروڙن جي رقم بابت مجاز اختيارين کان اجازت نه ورتي وئي.واضح رهي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل اين ڊي ايم اي جو عهدو سنڀالڻ وقت ايف ڊبليو او جو سربراهه به هو. ٻئي طرف اها ڄاڻ به  ملي ته سرڪاري عملدارن جي گهر وارين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا ڏنا ويا. بچاءُ وزارت جي ملٽري اسپتال راولپنڊي، سي ايم ايڇ اٽڪ ۽ سي ايم ايڇ جهلم کي 16 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم ڏني وئي پر آڊٽ دوران انهن تفصيل نه ڏنا. هوڏانهن ناڻي واري وزارت جي ترجمان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي ڪورونا فنڊن جي آڊٽ جو شرط 2022 ۾ پورو ڪرڻو هو، ڪورونا فنڊ بابت آڊٽ رپورٽ آءِ ايم ايف کي پيش ڪئي وئي. ترجمان موجب آڊٽ رپورٽون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون ويون، آڊٽ رپورٽ ۾ ٽيڪنيڪل خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ڊپارٽمينٽل ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.