اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ڪالهه سومر ڏينهن ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي گذريل هفتي ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي هدايتن کانپوءِ ڀاڻ جي في ٻوري جي وڪري جي قيمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا آهن.