ڄامشوري مان اغوا ٿيل هندوناري جي وارثن جو ڌرڻو، ايس ايس پي بنا ٻڌڻ جي روانو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو مان 3 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ڪيل تماچي برادري جي نياڻي ڪرينا تماچي آزاد نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب نياڻي جي وارث عورتن توڙي مڙدن پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو ۽ اغوا ٿي ويل ناري جي بازيابي جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي, ان دوران ايس ايس پي جاويد بلوچ پنهنجي آفيس مان ويگو گاڏي ۾ سوار ٿي نڪتو ته سندس جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺل تماچي برادري جي عورتون ۽ مڙد ايس ايس پي جاويد بلوچ جي گاڏي اڳيان ويهي رهيا, تماچي برادري بي اهڙي عمل بعد ايس ايس پي جاويد بلوچ جي موجودگي ۾ پوليس جي اهلڪارن احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ مڙدن کي ڌڪا ڏنا ۽ ايس ايس پي دانهن ڏيڻ نه ڏني جڏھن ته ايس ايس پي جاويد بلوچ پڻ متاثرن جي دانهن ٻڌڻ بنا روانو ٿي ويو,ان موقعي تي ڪرينا جي والد دلدار تماچي, امڙ شبانا, ڀيڻ  منيشا ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي 3 مهينا اڳ ڄامشورو ٽول پلازه خيرات وٺي رهي هئي ته مختيار کوسو, سليم لنڊ ۽ برڪت ڍڪڻ هن کي تان اغوا ڪري ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او ڄامشورو رياض ملڪ ۽ اي ايس آئي غلام حسين سولنگي اسان کان پيسا ورتا ۽ وري اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بجاءِ وري ساڳين ئي گرفتار ٿيل جوابدارن کي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.