سنڌ سرڪار اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ناڪام ٿي وئي: کيئل داس ڪوهستاني

خيرپور/سکر(نمائندا)  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر مينارٽي ونگ ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني چيو آھي ته  سنڌ حڪومت اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي اسيمبلي ۾ اقليتي لاءِ آواز اٿاربو هن اهڙو اظهار ٻٻرلوءِ ۾ قتل ٿي ويل ننگر ڪانها ڪمار جي  تڏي تي پهچي دعا گهرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  هن  چيوته سنڌ کي ھٿ وٺي پوئتي ڪيو ويو آھي ته  جيئن سنڌ جو عوام غلامي جي زنجير ۾ جڪڙيل رھي ،پ پ وارن پنھنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ  ھاڻي قتل ڪرائڻ به شروع ڪري ڇڏيا آھن جن ۾ شھيد ناظم جوکيوشھيد فھميدہ سيال شھيد عزيز ميمڻ  ٻيا شامل آھن، هوڏانهن کينئل داس ڪوهستاني چيو آھي ته پيپلز پارٽي جو بيانيو آھي ته نوٽ کي عزت ڏيو ۽ ن ليگ  ووٽ کي عزت ڏيو واري بيان تي قائم آھي سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آھي اپوزيشن لاءِ سنڌ نوگو ايريا بڻيل آھي اهڙو اظھار هن  سکر جي صالح پٽ مان ڏھ محرم تي  اغوا ٿيل ست ورهين جي پريا ڪماري جي وارثن سريش ڪمار،دينو مل ۽ اڳوڻي مکي ايشور لال سان صالح پٽ ۾ ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت تائين پريا ڪماري بازياب ناهي ٿي سگهي جيڪا سنڌ حڪومت جي نا اهلي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.