ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، 3 جوابدار زخمي

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي مبينا مقابلن ۾ 3 ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار  ھٿيار ھٿ.  سعيد آباد ٿاڻي جي حد سعيد آباد جي علائقي خورشيد پاڙي ڀرسان پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2.  ڦورو روشن علي ولد غلام رسول ۽ طالب حسين ولد علي مردان کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو . پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول ھٿ ڪري ورتا.  ڪالا پل سي ايس ڊي جي ويجهو ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي پوليس جي انسپيڪٽر سعادت بٽ کان ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدار کي انسپيڪٽر سعادت بٽ جي فائرنگ ۾ ڦورو زخمي ٿي پيو زخمي ٿيل ڦورو کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو .  جتي سندس جي سڃاڻپ نعمان ولد عبدالستار طور ٿي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.