”پٽ گم آهي، بازياب ڪرايو وڃي“ ماءُ جون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اوڇنگارون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي گم ٿيل ٻن شهرين اڪبر خان ۽ شاهد ارمان جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران گم ٿيل شهري اڪبر جي امڙ زارو قطار روئيندي رهي سندس چوڻ هو ته پٽ اڃان تائين گم آهي، کيس بازياب ڪرايو وڃي، ٻڌڻي دوران عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ ٻنهي گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وڪيل جو چوڻ هو ته اڪبر خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز جي وردي پاتل ماڻهو گهر مان کڻي ويا، جڏهن ته شاهد ارمان کي شو مارڪيٽ واري علائقي مان حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.