سرداري نظام سبب سنڌ جو عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي: عوامي راڄ تحريڪ اڳواڻ

 

عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن چيو  آهي ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ سيد خليل احمد شاهه، ايڊووڪيٽ عظميٰ ابڙو، اويس ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام جي ڪري عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي،  اهو مسئلي جو حل نه آهي ته ڪو وڏيرو يا سردار ڪنهن مظلوم کي قتل ڪري ۽ بعد ۾ پئسا ڏئي دٻاءُ وجهي پاڻ کي آزاد ڪرائي ڇڏي.

 

هنن چيو ته اهڙي نظام خلاف عوام کي اٿڻو پوندو، حق ۽ سچائي جي بالادستي ۽ انصاف جي گرفت مظبوط ڪرڻ لاءِ معاشري جي سڀني طبقن کي گڏيل  جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن معاشري ۾ امن ۽ انصاف قائم ٿي سگهي.

هنن اعلان ڪندي چيو ته 1 ڊسمبر تي اولڊ ڪيپمس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.